قومي اسيمبلي 14 هزار 480 ارب روپين جي ماليت جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي 14 هزار 480 ارب روپين جي ماليت جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 9 هزار 2 سئو ارب مان وڌائي 9 هزار 415 ارب مقرر ڪيو ويو.

فنانس بل 2023 ۾ ترميم ڪندي 215 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا، پراڻي ٽيڪنالاجي وارن پکن، پراڻن بلبن ۽ ٻين شين تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري ترميم به منظور ڪئي وئي.

اضافي ٽيڪس پهرين جنوري 2024 کان لاڳو ٿيندي، پراڻن بلبن تي 20 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لڳندي، فنانس بل 2023 جي اڪثريتي راءِ سان منظوري ڏيندي پيٽروليم ليوي 50 رپين مان وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪئي وئي.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پئٽروليم ڊولپمينٽ ليوي آرڊيننس ۾ ترميم پيش ڪئي، قومي اسيمبلي اڪثريتي راءِ سان ترميم منظور ڪري ورتي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته پينشن ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي، هن بجيٽ ۾ پينشن تي اسان جا 8 سئو ارب روپيا هليا ويا، ڪجهه سال اڳ تائين اها اڌ جيتري رقم هئي.

اسحاق ڊار چيو ته گريڊ 17 کان مٿي جي ملازمن لاءِ هڪ کان وڌيڪ پينشز وٺڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، ملڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو هڪ ئي وقت آرمي چيف، صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدن جون پينشنز وٺندا رهيا آهن.

اهي پينشنز ڪيترن ئي نسلن تائين هلنديون رهيون، هتي بيوهه جي فوت ٿيڻ بعد به وارث پينشن وٺندا رهن ٿا، هاڻي 10 سالن کانپوءِ پينشن نه وٺي سگهبي، پينشن ۾ سڌارا ڪندي سرڪاري ملازمن جو ڪنٽريبيوٽ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي.

Read Previous

جيل ۾ وقت سٺو گذريو، مهندي به لڳائي، صندل خٽڪ

Read Next

نااهلي جي وڌ کان وڌ سزا 5 سال مقرر ڪرڻ وارو بل منظور

Most Popular