جيل ۾ وقت سٺو گذريو، مهندي به لڳائي، صندل خٽڪ

ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ پنهنجي گرفتاري دوران جيل ۾ گذاريل وقت بابت چيو آهي ته جيل ۾ وقت ٺيڪ گذريو، هن مهندي به لڳائي.

ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حريم شاهه مون تي وڊيو ليڪ جو ڪوڙو الزام لڳايو آهي، حريم شاهه چوندي رهي ته مان معافي گهران ٿي، اهڙو ڪجهه به ناهي.

صندل خٽڪ چيو ته جاچ ۾ ڪجهه نه مليو ان ڪري ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، حريم شاهه سان منهنجي دوستي گهڻو اڳ ختم ٿي چڪي هئي.

صندل خٽڪ چيو ته ايف آءِ اي منهنجو موبائيل رکيو آهي.

واضح رهي ته هلندڙ مهيني 12 جون تي ايف آءِ اي مشهور ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪيس ۾ صندل خٽڪ کي گرفتار ڪيو هو.

Read Previous

ڪرڪيٽر احمد شهزاد کي ماءُ سان گڏ حج ڪرڻ جو موقعو ملي ويو

Read Next

قومي اسيمبلي 14 هزار 480 ارب روپين جي ماليت جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular