پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي ٻيهر گرفتار

Pervaiz Elahi

لاهور: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي چوڌري پرويز الاهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ گرفتار ڪيو آهي، کيس مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ ايف آءِ اي اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم چوڌري پرويز الاهي جي گن مين محمد زمان کي به گرفتار ڪيو هو، جنهن کي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڊيشل مئجسٽريٽ جوابدار محمد زمان جو 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو..

ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد زمان صدر پي ٽي آءِ پرويز الاهي جو فرنٽ مين آهي، محمد زمان چوڌري پرويز الاهي جي غير قانوني مني ٽرانزيڪشن ۾ ملوث آهي.

ايف آءِ اي جوابدار محمد زمان جي موبائيل فون مان اهم ثبوت هٿ ڪرڻ ۽ اُن جي نشاندهي تي پرويز الاهي کي گرفتار ڪيو آهي.

Read Previous

سپريم ڪورٽ فوجي حراست ۾ 102 ماڻهن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Read Next

مائيڪل جيڪسن جي ورسي تي سندس ٽوپي نيلام ڪرڻ جو اعلان

Most Popular