مائيڪل جيڪسن جي ورسي تي سندس ٽوپي نيلام ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن: پاپ ميوزڪ جي دنيا جي بادشاهه مائيڪل جيڪسن جي مشهور ٽوپي کي نيلامي لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن کي 31 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ رقم ۾ نيلام ڪيو ويندو.

ٽوپي جو نالو بيلڪ فيڊورا آهي جيڪا سيپٽمبر ۾ فرانس جي راڄڌاني پيرس ۾ نيلام ڪئي ويندي، اها ٽوپي مائيڪل جيڪسن پنهنجي مشهور ڊانس اسٽيپ مون واڪ ۾ به پاتي هئي ۽ ٻين پرفارمنسز وقت به هن اها ئي ٽوپي پائي فن جو مظاهرو ڪيو.

سڄي دنيا ۾ 1983ع ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن مون واڪ جي جهلڪ ڏٺي.

هو 25 جون 2009ع تي 50 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. بيٽ اٽ، اسموٿ ڪرمنل، وي آر دي ورلڊ ۽ ٻيا گانا مشهور ٿيا.

Read Previous

پي ٽي آءِ صدر چوڌري پرويز الاهي ٻيهر گرفتار

Read Next

سلمان خان نواز صديقي جي زال کي ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ ڇو نه ڏنو؟

Most Popular