سلمان خان نواز صديقي جي زال کي ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ ڇو نه ڏنو؟

ممبئي: دبنگ خان سلمان خان بگ باس جي ميزباني ڪندي ساٿي اداڪار نواز الدين صديقي جي گهرواري کي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

نواز الدين صديقي جي گهرواري عاليه صديقي کي سلمان خان ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ کان روڪيو ۽ چيو ته مهرباني ڪري عاليه غور سان ٻڌو اسان کي توهان جي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه آهي.

جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته هن شو ۾ اچي توهان پنهنجي ذاتي زندگي جي باري ۾ ڳالهائيندئو ته ائين نه ٿيندو. هن چيو ته توهان جي مڙس، سس، ننهن ۽ سمورن مائٽن بابت توهان جون ذاتي ڳالهيون ٻيهر هن گهر ۾ نه ٿيڻ گهرجن.

پروگرام ۾ عاليه بيبيڪا ڌروي سان جهيڙو ڪيو ۽ درخواست ڪئي ته مون کي هتان ڪڍي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اهڙي تشدد سان هتي نه ٿي رهي سگهان.

عاليه چيو ته منهنجي سڃاڻپ هميشه اسٽار زال جي رهي آهي جڏهن توهان جي رشتي ۾ عزت ناهي هوندي ته رشتو ڪمزور ٿي ويندو آهي مون کي خبر آهي ته مون گذريل 19 سال ڪهڙين ڏکائين ۾ گذاريا آهن. هن چيو ته پنهنجي شادي شده زندگي جون پريشانيون ختم ڪرڻ لاءِ ئي هتي بگ باس ۾ موجود آهيان.

Read Previous

مائيڪل جيڪسن جي ورسي تي سندس ٽوپي نيلام ڪرڻ جو اعلان

Read Next

سکر ۾ منشيات جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي ايڪسائيز کاتي جي ريلي

Most Popular