سکر ۾ منشيات جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي ايڪسائيز کاتي جي ريلي

سکر(رپورٽر) سکر ۾ منشيات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ايڪسائيز کاتي طرفان ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شريڪ ماڻهن پاران منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان پمفليٽ ورهايا ويا.

سموري دنيا ۾ منشيات جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي انهي ڏينهن جي مناسبت سان ملڪ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به ايڪسائيز کاتي طرفان هڪ ريلي منقعد ڪئي وئي، جيڪا ايڪسائيز آفيس کان شروع ٿي ڪري ريلوي اسٽيشن پهچي ڪري پڄاڻي تي پهتي.

ريلي جي قيادت ايڪسائيز کاتي سکر جي ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪو ٽيڪس ڊپارٽمينٽ سکر ريجن اقبال احمد لغاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر طالب حسين مڱريو ڪري رهيا هئا، جڏهن ته ٻين آفيسرن ۾ نديم ميمڻ، عامر گل قريشي، قمرالدين سيال، منهال خان جوڻيجو، محمد يونس، يقعوب جاگيراڻي، دلاور شيخ، اڪرم شاهه، سيد قاسم علي شاهه، سيد نور علي شاهه، عبدالمستقيم انصاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

ريلي ۾ آفيسرن ۽ اهلڪارن سميت عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينرز کنيل هئا، جن تي منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان نعره پڻ درج هئا.

ريلي جي پڄاڻي جي موقعي تي مذڪوره آفيسرن خطاب ڪندي چيو ته معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ جدوجهد جاري آهي ۽ ان جدوجهد سان معاشري جي تمام طبقن جي شرڪت به ضروري آهي.

بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران آفيسرن جو چوڻ هو ته صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا جي خاص هدايت تي سکر ۾ ايڪسائيز کاتي طرفان 11 ڪيسن دوران 15 ڏوهارين کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 380 ڪلو گرام چرس، 160 ڪلو ڀنگ، هڪ ٽرڪ، هڪ آئل ٽينڪر، هڪ ٽريڪٽر ٽرالي، 6 عدد ڪاريون، ٻه ٽيوٽا پڪ اپ، ٽيوٽا ريوو سميت 12 کان وڌيڪ گاڏين کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائيون جاري آهن.

ان حوالي سان ڊائريڪٽر ايڪسائيز سکر اقبال احمد لغاري جو چوڻ هو ته سکر ضلعي ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ مختلف ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن جيڪي مختلف هنڌن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪري منشيات جي اسمگلنگ کي گهڻي حد تائين ناڪام بڻائڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته منشيات جي وڌ ۾ وڌ اسمگلنگ ڪي پي ڪي کان شروع ٿئي پئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي پوري ملڪ ۾ پکيڙجي وڃي ٿي، ان لاءِ هن ڀيري ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن جيڪي منشيات جي روڪٿام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون، هن چيو ته منشيات فروشن کي ڪنهن به صورت بخش نه ڪيو ويندو.

Read Previous

سلمان خان نواز صديقي جي زال کي ذاتي زندگي تي ڳالهائڻ ڇو نه ڏنو؟

Read Next

آءِ ايم ايف جا سڀئي شرط قربانيءَ کان اڳ غريب جي قرباني آهي، شيخ رشيد

Most Popular