آءِ ايم ايف جا سڀئي شرط قربانيءَ کان اڳ غريب جي قرباني آهي، شيخ رشيد

راولپنڊي: اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون قرباني کان اڳ غريب جي قرباني آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته حڪومت 215 ارب روپين جو وڌيڪ ٽيڪس لڳائي بجيٽ جو ڍانچو تبديل ڪيو ويو آهي. جڏهن ڪارخانا بند ٿيندا، ماڻهو بيروزگار ٿيندا، ،مهانگائي ٿيندي ته 10 کرب جا محصولات ڪٿان گڏ ٿيندا؟ آءِ ايم ايف سان پردي جي پٺيان ڇا ٿيو آهي، ان جي ڪنهن کي به خبر نه آهي.

شيخ رشيد حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته بندرگاهون، اسٽيل ملون، روز ويلٽ هوٽل، ايئرپورٽ، هاءِ ويز ليز تي ڏيڻ انويسٽمينٽ نٿي ٿي سگهي. قومي اثاثا گروي رکي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته عوام روڊن جي بجاءِ بيلٽ باڪس طرف وڃڻ چاهي ٿي. گهرو وزير هزارين ماڻهن کي گولي هڻڻ ۽ ڦاهي ڏيڻ جو چوي ٿو. بجيٽ پيش ڪرڻ دوران وزيراعظم ۽ پارٽي جا سربراهه جا به موجود نه هئا.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته هنن وٽ عوام جو مينڊيٽ نه آهي ۽ تاريخون آءِ ايم ايف کان گهري رهيا آهن. 13 پارٽين جي 14 مهينن جي انٽرشپ ناڪام ٿي وئي. دبئي ۾ سياسي کچڙي تيار ٿي رهي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن کي نه پيو مڃيو وڃي. هي هاڻ عوام جي آڏو بي نقاب ٿي ويا آهن. چونڊون هر صورت ۾ ٿينديون.

Read Previous

سکر ۾ منشيات جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي ايڪسائيز کاتي جي ريلي

Read Next

جن سياستدانن جون وڊيوز ليڪ ڪريان ٿي، اهي ان قابل ئي ناهن، حرڳم شاهه

Most Popular