پاڪستان فٽبال ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ڪليم الله ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي بلديه ٽائون ۾ ٻارن سان فٽبال کيڏڻ تي دلچسپ تبصرو ڪري ڇڏيو.
بلديا ٽائون جو دورو ڪندي مرتضيٰ وهاب خيبر مسلم رانا فٽبال گرائونڊ ۾ فٽبال ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻارن سان فٽبال کيڏيو.
پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ميئر ڪراچي جي ٻارن سان فٽبال کيڏڻ جي وڊيو شيئر ڪندي ڪليم الله چيو ته اسان سان هڪ ڏينهن جي پريڪٽس ميچ کانپوءِ توهان جي ٽيڪنڪ ۾ ڪافي بهتري آئي آهي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي چيو ته مون واعدو ڪيو هو ته گرائونڊ ۾ اچي فٽبال کيڏندس، شهر ۾ مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، مون کي ميئر چونڊجڻ واري ڏينهن ٻڌايو ويو هو ته هتي تمام سٺو گرائونڊ آهي.