پي ٽي آءِ چيئرمين ثاقب نثار جهڙن ججز جي ڳولا ڪري رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ثاقب نثار جهڙي ججز جي ڳولا آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان چاهي ٿو ته ان جي لاءِ ثاقب نثار جهڙو جج هجي جيڪو هن جي لاءِ غيرقانوني فيصلا ڏئي سگهي ۽ عمران خان غيرقانوني فيصلن جي بدلي رشوت طور پي ٽي آءِ جون ٽڪيٽون وڪرو ڪري سگهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف عمران خان جي درخواست واضح طور ٻڌائي رهي آهي ته ڪپتان راند کٽڻ جي لاءِ صرف پنهنجا ئي امپائرز چاهي ٿو.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

Read Previous

شهدادپور ۾ ڏيڍ مهينو اڳ هرکجي اغوا ڪيل نوجوان تي تشدد جي وڊيو وائرل

Read Next

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

Most Popular