آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر فورٽ ورٿ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.

فائرنگ جو واقعو پارڪنگ لاٽ ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻن ڄڻن اسپتال ۾ زخمن جي تاب نه سهندي دم ڏنو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ 8 ڄڻا علاج هيٺ آهن، جن مان ڪجهه زخمين کي شهرين پنهنجي گاڏين ۾ اسپتال پهچايو.

فورٽ ورٿ پوليس سارجنٽ جيسن اسپينسر صحافين کي ٻڌايو ته اڌ رات کان ٿورو اڳ پارڪنگ لاٽ ۾ وڏو ميڙ هو.

پوليس وڌيڪ چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته فائرنگ جو مقصد ڇا هو.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين ثاقب نثار جهڙن ججز جي ڳولا ڪري رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

Read Next

مهاراشٽرا ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٽرڪ هوٽل ۾ ڪاهي پئي، 9 ڄڻا فوت

Most Popular