مهاراشٽرا ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٽرڪ هوٽل ۾ ڪاهي پئي، 9 ڄڻا فوت

ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ ٽرڪ بريڪ فيل ٿيڻ سبب هوٽل ۾ ڪاهي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثي ۾ زخمي ٿيل 20 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

رپورٽن مطابق هاءِ وي تي بريڪ فٽ ٿيڻ بعد ٽرڪ بي قابو ٿي 2 موٽرسائيڪلن، هڪ ڪار ۽ ٽرڪ کي ٽڪر هنيو.

ڀارتي پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 8 زخمي

Read Next

ترڪي ۽ مصر وچ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال

Most Popular