گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي چونڊ خلاف اسٽي آرڊر جاري

اسلام آباد: گلگت جي سپريم اپيليٽ ڪورٽ گلگت بلتستان جي نئين وڏي وزير جي چونڊ خلاف اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، عدالت گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر کي نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اڄ اجلاس سڏائڻ کان روڪي ورتو

اسپيڪر نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ اڄ 3 وڳي اجلاس طلب ڪيو هو، پوليس اٽالن اسيمبلي کي ڪڙو چاڙهي سيل ڪري ڇڏيو

گذريل ڏينهن گلگت جي چيف ڪورٽ وڏي وزير خالد خورشيد کي جعلي ڊگري ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو هو، تحريڪ انصاف پاران وڏي وزير لاءِ راجا اعظم کي اميدوار نامزد ڪيو ويو

پيپلزپارٽي پاران امجد ايڊوڪيٽ ۽ نون ليگ پاران انجنيئر انور وڏ وزارت لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي حاجي گلبرگ وڏي وزير جي چونڊ روڪڻ جي استدعا ڪئي هئي

Read Previous

سنڌ ۾ سڀاڻي شام کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي

Read Next

گلگت-بلتستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر نذير احمد خلاف بي اعتمادي رٿ جمع

Most Popular