سنڌ ۾ سڀاڻي شام کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي

سنڌ ۾ سڀاڻي شام کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته مون سون هوائون اوڀر، اتر ۽ اولهه کان سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جا امڪان آهن

موسميات کاتي موجب، مون سون هوائن جو اثر سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويندو، سڀاڻي شام کان 10 جولاءِ تائين ڪٿي هلڪي ته ڪٿي گجگوڙ سان تيز برسات پوندي

ٿرپارڪر، بدين، عمرڪوٽ، دادو، ڄامشوري ۽ قمبر- شھدادڪوٽ ضلعن ۾ وسڪارن جا امڪان آهن

موسميات کاتي موجب، 8 جولاءِ کان لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، گھوٽڪي ۽ نوشھرو فيروز سميت ٻين ضلعن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جا امڪان آهن

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ برساتن جو اهو سلسلو 10 جولاءِ تائين جاري رهندو

Read Previous

آمريڪي عدالت ۾ ٽوئيٽر خلاف آسٽريليا جي هڪ ڪمپني ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

Read Next

گلگت بلتستان جي وڏي وزير جي چونڊ خلاف اسٽي آرڊر جاري

Most Popular