چيچنيا ۾ هڪ عورت روسي صحافي تي تشدد، آڱريون ڀڃي ڇڏيون

چيچنيا ۾ عورت روسي صحافي کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ان جا وار به ڪٽيا ويا، جنهن بعد کيس اسپتال نيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب آزاد اخبار نووايا گزيٽا لاءِ ڪم ڪندڙ صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن الينا ملاشينا تي عدالتي ڪيس جي فيصلي جي ڪوريج ڪندي حملو ڪيو ويو.

رپورٽن مطابق عورت صحافي جون آڱريون ڀڃي ڇڏيون، وار ڪٽيا ويا، منهن تي سائو رنگ به اڇلايو ويو ۽ جسم جي ٻين حصن تي تشدد جا نشان پڻ آهن.

رپورٽن مطابق عورت صحافي ۽ وڪيل اليگزينڊر نيموف تي ايئرپورٽ ٻاهران هٿياربندن حملو ڪيو، جن سندس گاڏي روڪي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عورت صحافي کي هٿيار به ڏيکاريا ويا ۽ سندس سامان به ٽوڙيو ويو.

Read Previous

ڀارت ۾ خالصتان ٽائيگر فورس جي سربراهه جي قتل خلاف احتجاج

Read Next

ميٽا ٽوئٽر سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ورتي

Most Popular