ڀارت ۾ خالصتان ٽائيگر فورس جي سربراهه جي قتل خلاف احتجاج

خالصتان ٽائيگر فورس جي سربراهه هرديپ سنگهه نجر جي قتل خلاف ڀارت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق امرتسر ۾ ڳجهي ايجنسي را جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ٻاهر سکن مظاهرو ڪيو.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مظاهرين کي ڳجهي ايجنسي را خلاف پوسٽر کنيل هئا.

مظاهرين ڳجهي ايجنسي را تي به هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ڪينيڊا حڪومت فوري طور تي هرديپ سنگهه نجر جي قاتلن کي گرفتار ڪري.

Read Previous

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات

Read Next

چيچنيا ۾ هڪ عورت روسي صحافي تي تشدد، آڱريون ڀڃي ڇڏيون

Most Popular