ٽائيٽن خراب ٿيو ته اسان کي چيو ويو سمهي رهو، اڳوڻي سياح جو انڪشاف

جڊن پين نالي شخص جنهن ٻه سال اڳ ٽائيٽن جو دورو ڪيو هو، ان انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن ٽائيٽن ٽٽي ويو ته اوشن گيٽ ڪمپني جي سربراهه چيو ته سمهو، ڪجهه به نه ٿيندو.

جڊن پين چيو ته هن محسوس ڪيو ته ڪمپني جي سربراهه اسٽاڪٽن رش مذاق ڪري رهيو هو.

هن وڌيڪ چيو ته ٻه سال اڳ ٽائيٽنڪ جي باقيات کي ڏسڻ لاءِ سفر شروع ٿيڻ کان صرف ٻه ڪلاڪ پوءِ ٽائيٽن جي بيٽري ختم ٿي وئي، جنهن سبب ٽائيٽن 24 ڪلاڪن تائين سمنڊ جي تري ۾ بيٺو رهيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ان وقت اسٽاڪٽن رش اعتراف ڪيو ته ٽائيٽن بيٽري جي خرابي سبب سمنڊ جي سطح تي واپس نه اچي سگهيو پر خوش قسمتي سان هائيڊرولڪس جي مدد سان وزن گهٽجي ويو ۽ ٽائيٽن واپس سطح تي اچي ويو.

واضح رهي ته ٽائيٽن جي سربراهه ۽ پاڪستاني واپاري شهزادي دائود سميت 5 ڄڻا گذريل مهيني ٽائيٽن جي حادثي ۾ فوت ٿي ويا هئا.

Read Previous

ڀارت ۾ عورتن کي ڪار جي خطرناڪ ٽڪر واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي

Read Next

سجل علي ۽ وهاج علي جلد گڏ نظر ايندا

Most Popular