ڀارت ۾ عورتن کي ڪار جي خطرناڪ ٽڪر واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي

ڀارت ۾ ڪار جي عورتن کي مارڻ جي خطرناڪ وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي.

ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ 19 ورهين جي نوجوان جي ڪار جو ٽڪر ٿي پيو، جنهن پسار ڪندڙ ٽن عورتن کي ٽڪر هنيو.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثي ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ فوت ٿي ويون، جڏهن ته هڪ عورت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي جنهن جي حالت نازڪ آهي.

رپورٽن مطابق فوت ٿي ويل عورت 45 سالن جي عمر ۽ سندس ڌيءَ 25 سالن جي حادثي واري هنڌ تي صبح جو سوير واڪ ڪري رهيون هيون.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثي کانپوءِ نوجوان ڪار ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتان گذرندڙ شهري کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

Read Previous

نيڌرلينڊ ڪلاس رومز ۾ موبائل فون جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي

Read Next

ٽائيٽن خراب ٿيو ته اسان کي چيو ويو سمهي رهو، اڳوڻي سياح جو انڪشاف

Most Popular