سجل علي ۽ وهاج علي جلد گڏ نظر ايندا

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي عالمي شهرت يافته اداڪارا سجل علي ۽ ڊراما سيريل ”تيري بن“ جو هيرو اداڪار وهاج علي جلد گڏ نظر ايندا.

مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي اڪانشا نالي هڪ صارف اداڪار وهاج علي ۽ اداڪارا سجل علي کي ٽيگ ڪيو ۽ سندن ايندڙ پروجيڪٽ بابت پڇيو.

صارف سوال ڪيو ته ڪنهن کي خبر آهي ته وهاج علي ۽ سجل علي جو پروجيڪٽ ڪڏهن رليز ٿيندو؟ مان ان لاءِ ڏاڍو پرجوش آهيان.

صارف جي سوال تي وهاج علي پاڻ ئي جواب ڏنو ۽ لکيو ته تمام جلد.

واضح رهي ته اداڪار وهاج علي ۽ اداڪارا سجل علي جلد ئي هدايتڪار ڪاشف نثار جي پروجيڪٽ ۾ نظر ايندا، جنهن جي ڪهاڻي بي گل لکي آهي ۽ فلم ”زي“ 5 تي رليز ڪئي ويندي.

Read Previous

ٽائيٽن خراب ٿيو ته اسان کي چيو ويو سمهي رهو، اڳوڻي سياح جو انڪشاف

Read Next

شاهه رخ خان نڪ جي سرجري بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

Most Popular