سريلنڪن جا 2 رانديگر انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر

سريلنڪن ڪرڪيٽر ونندو هسرنگا ۽ دشانتا چيميرا زخمي ٿيڻ سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويا آهن.

سريلنڪن ميڊيا موجب هاسارنگا ايل پي ايل ڪواليفائرز دوران زخمي ٿي پيو هو جنهن سبب هو فائنل ميچ به نه کيڏي سگهيو هو.

سريلنڪن ميڊيا موجب دوشن همانتا سريلنڪن ٽيم ۾ هسرنگا جي جاءِ تي شامل هوندو.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ هن مهيني جي آخر ۾ شروع ٿي رهيو آهي.

ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ 30 آگسٽ تي ملتان ۾ کيڏي ويندي.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

Read Next

آءِ ايم ايف جو نگران حڪومت کان معاهدي جي شرطن تي سختي سان عملدرآمد جو مطالبو

Most Popular