آءِ ايم ايف جو نگران حڪومت کان معاهدي جي شرطن تي سختي سان عملدرآمد جو مطالبو

نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي آءِ ايم ايف عملدارن سان ورچوئل ملاقات ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف عملدارن ناڻي واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته معاهدي جي شرطن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ايڪسچينج ريٽ، بجلي ۽ گيس جي شعبن جي گردشي قرضن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ذريعن موجب نگران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف کي مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ تي اعتماد ۾ ورتو ۽ چيو ته مٽا سٽا جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪا به مصنوعي پاليسي نه ٺاهي ويندي.

شمشاد اختر آءِ ايم ايف عملدارن کي يقين ڏياريو ته مٽا سٽا جي شرح مارڪيٽ پاڻ طئي ڪندي.

ذريعن موجب هن چيو ته بجلي جي شعبي جي گردشي قرضن کي گهٽائڻ لاءِ ٽيرف جي شرح ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، پاور سيڪٽر جو گردشي قرض جون 2024ع تائين 2128 ارب تائين محدود ٿي ويندو، پاور سيڪٽر جي گردشي قرضن کي گهٽائڻ لاءِ سبسڊيز کي مرحليوار ختم ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب نگران ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف اختيارين کي معاهدي جي شرطن تي عملدرآمد بابت به آگاهه ڪيو ۽ معاشي جائزي جي شروعات کان اڳ شرطن تي مڪمل عملدرآمد جو يقين ڏياريو.

Read Previous

سريلنڪن جا 2 رانديگر انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل لطيف کوسا لفٽ ۾ ڦاسي پيو

Most Popular