مهيش ۽ سوني جي حقيقي زندگي جا ڊائلاگ فلم جو حصو بڻجي ويا

بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اسڪرين رائٽر مهيش ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي زال سوني رازدان کي ڌمڪيون ڏنيون ته هو کانئس پري رهن.

مشهور فلمساز مهيش ڀٽ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي ڇو ته هو اڪثر پنهنجي تڪراري ذاتي زندگي ۽ بولڊ ريمارڪس جي ڪري سرخين ۾ رهندو آهي.

واضح رهي ته مهيش ڀٽ پهرين شادي اداڪاره ڪرن ڀٽ سان ڪئي هئي جنهن مان کيس ٻه ٻار پوجا ڀٽ ۽ راهول ڀٽ آهن.

بعد ۾ مهيش جي سوني رازدان سان ملاقات ٿي ۽ ان سان پيار ٿي ويو، مهيش ڀٽ پاڻ کي سوني رازدان سان پيار ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو نه ڪري سگهيو، سوني ۽ مهيش کي ٻه ڌيئرون شاهين ڀٽ ۽ عاليا ڀٽ آهن.

ڀارتي ويب سائيٽ بالي ووڊ شيدي ڊاٽ ڪام جي مطابق مشهور هدايتڪار مهيش ڀٽ هڪ انٽرويو دوران انڪشاف ڪيو ته هن پنهنجي گهرواري سوني رازدان کي چيو هو ته هو مون کان پري رهو نه ته توکي تباهه ڪري ڇڏيندس.

Read Previous

ويرات ڪوهلي جي سوشل ميڊيا پوسٽ تي ڪرڪيٽ بورڊ ناراض

Read Next

پهريون ڀيرو عمري تي وڃڻ واري راکي ساونت جو وڊيو پيغام وائرل

Most Popular