ويرات ڪوهلي جي سوشل ميڊيا پوسٽ تي ڪرڪيٽ بورڊ ناراض

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ويرات ڪوهلي جي سوشل ميڊيا پوسٽ تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ويرات ڪوهلي پنهنجي يو يو ٽيسٽ جو نتيجو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.

رپورٽن مطابق ويرات ڪوهلي سوشل ميڊيا تي يو يو ٽيسٽ ۾ 17.2 اسڪور جو انڪشاف ڪيو هو.

ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته انسٽاگرام تي ويرات ڪوهلي جي پوسٽ بي سي سي آءِ کي ناراض ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارتي بورڊ جي آفيسر رانديگرن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي هدايت ڪئي آهي ته يو يو ٽيسٽ جو نتيجو ڳجهي معلومات آهي، ان کي عوام آڏو نه آڻيو.

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي ياد ڏياريو آهي ته ڳجهي معلومات ظاهر ڪرڻ معاهدي جي شقن جي ڀڃڪڙي آهي.

Read Previous

14 ڊسمبر کان پوءِ 54 ڏينهن جمع ڪريو، چونڊن جي تاريخ نڪري ايندي؛ راڻا ثناءُ الله

Read Next

مهيش ۽ سوني جي حقيقي زندگي جا ڊائلاگ فلم جو حصو بڻجي ويا

Most Popular