فواد چوڌري، حماد اظهر، اعظم سواتي سميت ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ادارن کي بدنام ڪرڻ جو ڪيس داخل

ملڪي سلامتي وارن ادارن ۽ سرڪاري عهديدارن کي بدنام ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي موجوده ۽ اڳوڻن اڳواڻن جي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سرڪل ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. ايف آءِ آر ۾ حماد اطهر، مسرت جمشيد چيمه ۽ عمر سرفراز چيمه کي نامزد ڪيو ويو آهي. علي زيدي، فواد چوڌري، اعظم سواتي جا نالا به جوابدارن جي فهرست ۾ شامل آهن.

ڪيس جي متن موجب جوابدارن سوشل ميڊيا تي قومي سلامتي ادارن خلاف ڪوڙي مهم هلائي، انهن سمورن اڳواڻن کي وضاحت جي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي پر طلب ڪرڻ باوجود ڪوبه اڳواڻ پيش نه ٿيو، نه ئي جواب جمع ڪرايو آهي.

ايف آءِ اي جي ذريعن موجب شاهدين ۽ بيانن جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ٽيمون به جوڙي ڇڏيون آهن.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانتون رد ڪرڻ جا فيصلا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا

Read Next

دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي چانهه جي ڪٽلي جي هاڪ

Most Popular