پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانتون رد ڪرڻ جا فيصلا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجون ضمانتون رد ڪرڻ جا فيصلا عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا آهن.

9 مئي، جوڊيشل ڪمپليڪس حملو ۽ ڪرپشن سميت 9 ڪيسن ۾ ضمانتون رد ڪرڻ جي فيصلي کي عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 9 درخواستون داخل ڪيون آهن جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين اسٽيٽ ۽ ڪيس جي مدعي کي ڌر بنايو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سيشن ڪورٽ مان 6، اي ٽي سي مان 3 ضمانتون رد ٿيون.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪرڻ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ٽرائيل ڪورٽ ميرٽ ڏسڻ کان سواءِ ضمانتون بنا ٻڌڻي جي رد ڪري ڇڏيون.

انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ٽرائل ڪورٽس جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ٽرائيل ڪورٽ کي ٻيهر ڪيسز ٻڌي ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. جڏهن ته 9 ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گرفتار ڪرڻ کان به روڪيو وڃي.

Read Previous

شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف صحافين جو احتجاج، حڪومت مطالبا مڃي ورتا

Read Next

فواد چوڌري، حماد اظهر، اعظم سواتي سميت ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ادارن کي بدنام ڪرڻ جو ڪيس داخل

Most Popular