افغانستان جو آل رائونڊر عظمت الله عمرزئي پاڪستان خلاف ٽئين ون ڊي ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب عظمت الله عمرزئي کي سائيڊ اسٽرين سبب ميچ مان ٻاهر ڪيو ويو آهي.
آل رائونڊر گلبدين نايب کي اڄوڪي ميچ لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ اڄ ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، جيڪڏهن اها ميچ کٽي وئي ته پاڪستاني ٽيم ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويندي.
واضح رهي ته ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي ٻن صفر جي برتري حاصل آهي.