ڪشمور: مغوي جي وارثن کان 10 ڪروڙ ڀنگ طلب، تشدد واري وڊيو جاري

ڪشمور: ڪشمور ۾ مغوي جي وارثن کان 10 ڪروڙ ڀنگ طلب، تشدد واري وڊيو جاري ڪئي وئي آهي.

ڪشمور جي مغوي ساگر ڪمار جي وارثن کان ڌاڙيلن پاران 10 ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي تشدد واري وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي.

پوليس ساگر ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، مکي جگديش، جئديپ، آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، 21 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار تي ڌاڙيلن پاران تشدد جو نشانو بڻائيندي وڊيو جاري ڪئي وئي.

وڊيو ۾ ڌاڙيلن پاران مغوي نوجوان تي تشدد ڪري ساگر ڪمار کان 10 ڪروڙ رپيا ڀنگ جي رقم لاءِ اپيل ڪرائي وئي، مغوي ساگر ڌاڙيلن طرفان ٿيندڙ تشدد دوران پنهنجي وارثن کي ڀنگ جا 10ڪروڙ رپيا ڀرڻ جي اپيل ٿو ڪري.

ڪشمور مان ساگر ڪمار ،گڊو مان ڊاڪٽر منير نائچ، بخشاپور بڊاڻي مان مکي جگديش ڪمار ڌاريلن وقت قيد ٿيل آهي، بڊاڻي جو معصوم نينگر جئديپ،آديش ڪمار ۽ ٻيا مغوي به ڌاڙيلن وٽ قيدي بڻيل آهي.

Read Previous

افغان آل رائونڊر عظمت الله پاڪستان خلاف ٽئين ون ڊي ميچ مان ٻاهر

Read Next

فاطمه قتل ڪيس: حناشاهه روپوش، پوليس فياض شاهه کي به گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

Most Popular