پي سي بي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي نئين ڪٽ تيار ڪري ورتي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ قومي ٽيم جي نئين ڪٽ تيار ڪري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي ورلڊ ڪپ 2023 لاءِ ٽيم جي ڪٽ سڀاڻي پڌري ڪندو.

پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين ذڪا اشرف تقريب جو مهمان خاص هوندو.

ورلڊ ڪپ جي ڪٽ جي پڌرائي تقريب لاهور ۾ ٿيندي. آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو.

واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ 6 آڪٽوبر تي هالينڊ خلاف کيڏندي.

Read Previous

مصري عورت جو بيوفا مڙس کان ڌار ٿيڻ تي جشن، سون جا تحفا ورهايا

Read Next

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو وطن واپسي تي شاندار استقبال

Most Popular