مصري عورت جو بيوفا مڙس کان ڌار ٿيڻ تي جشن، سون جا تحفا ورهايا

مصر جي عورت بيوفا مڙس کان طلاق ملڻ تي نه صرف جشن ملهايو پر روڊ تي بيهندي هُن واٽهڙن ۾ سون جا تحفا پڻ ورهايا.

عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي مصري عورت جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن مڙس کان ڌار ۽ عدت کان پوءِ روڊ تي جشن ملهائيندي ڏٺو ويو. ان دوران عورت واٽهڙن ۾ سون جا تحفا به ورهايا.

وڊيو ۾ عورت کي تيار ٿيل ڪيڪ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڏٺو ويو. جشن ملهائيندڙ عورت جي ڪيڪ تي طلاق مبارڪ هجي لکيل هو.

مصري عورت ان موقعي تي ٻڌايو ته مون کي پنهنجي بيوفا مڙس کان طلاق ملڻ کان پوءِ تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جنهن سبب مون واٽ تان لنگهندڙن ۾ سون جا تحفا پڻ ورهايا آهن. مصري عورت اهو به ٻڌايو ته طلاق جو سبب ازدواجي بيوفائي هئي، جنهن کي مان قبول نٿي ڪري سگهيس جنهن ڪري مان مليل طلاق تي اداس نه آهيان.

Read Previous

پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مئي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار جو ڪري ڇڏيو

Read Next

پي سي بي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي نئين ڪٽ تيار ڪري ورتي

Most Popular