والاريل ڪشمير: ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري، قابض فوج کي جديد هٿيار فراهم

والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارت رياستي دهشتگردي جاري رکندي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ لاءِ وادي ۾ مقرر ڀارتي فورسز کي جديد هٿياربند گاڏيون فراهم ڪري ڇڏيون آهن.

ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي دفاعي ايجنسي پاران تيار ڪيل 6 جديد هٿياربند گاڏيون والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز لاءِ فراهم ڪيون ويون آهن.

جديد هٿياربند گاڏيون زمين ۽ پاڻيءَ سان گڏوگڏ دلدل ۽ ڍنڍن تي به هلائي سگهن ٿيون.

اهو گوليون، ڌماڪي، بارودي سرنگ ۽ راڪيٽ کي منهن ڏئي سگهي ٿو.

جديد هٿياربند گاڏيون خودڪار ٽرانسميشن سان ريموٽ ڪنٽرول هٿيارن جي اسٽيشن سان ليس آهن.

Read Previous

سعود قاسمي جو محلاتي گهر ڪنهن ٺاهيو؟

Read Next

ساره قتل ڪيس، پيءُ عرفان جي گرفتاري جو امڪان

Most Popular