ساره قتل ڪيس، پيءُ عرفان جي گرفتاري جو امڪان

برطانيا ۾ پنهنجي ڌيءَ ساره شريف کي قتل ڪندڙ عرفان شريف کي موبائل فون سم ذريعي برطانوي پوليس ٽريس ڪري ورتو آهي.

برطانوي ميڊيا رپورٽ موجب ساره شريف جي والد عرفان شريف کي اڄ قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي، سندس موبائل فون جي سم ٽريس ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب جهلم پوليس چيف ناصر باجوه يقين ڏياريو آهي ته عرفان شريف کي رات کان اڳ گرفتار ڪيو ويندو. عرفان جي والد محمد شريف سندس پٽ کي پوليس سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

برطانوي اخبار موجب محمد شريف جو چوڻ آهي ته عرفان برطانيا کان پاڪستان پهتو ته سندس ڌيءَ جي موت بابت ڪجهه به نه ٻڌايو، پوليس ڇاپو هڻي پريشان ٿي وئي، عرفان پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

Read Previous

والاريل ڪشمير: ڀارتي رياستي دهشتگردي جاري، قابض فوج کي جديد هٿيار فراهم

Read Next

اولهه ميڊيا طالبان مخالف پروپيگنڊا ۾ ماڻهن کي گمراهه ڪيو، انس حقاني

Most Popular