ٻارڙي فاطمه ڪيس: اسد شاهه جي ڊرائيور سميت وڌيڪ 12 جوابدار گرفتار

راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ اسد شاهه جي ڊرائيور سميت وڌيڪ 12 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن

اسد شاهه جي ڊرائيور اعجاز خاصخيلي کي ڪراچي مان ۽ 11 ڄڻن کي راڻيپور جي حويلي مان گرفتار ڪيو ويو

ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جو چوڻ آهي ته ڊرائيور اعجاز خاصخيلي تي مک جوابدار حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ جا الزام آهن

اعجاز خاصخيلي حنا شاهه کي فرار ڪرائڻ بعد روپوش ٿي ويو هو، اڄ صبح جو پوليس راڻيپور جي حويلي مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو

پوليس ٻيهر ڪارروائي ڪندي وڌيڪ 6 شڪي جوابدارن کي به حراست ۾ ورتو، گرفتار ڪيل 11 ئي ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا

پوليس پاران حويلي مان گرفتار ڪيلن ۾ شوڪت علي عباسي، واجد علي گهانگهرو، اڪرم لاشاري، سڄڻ جوڳي ۽ مهر الدين ونڊير شامل آهن

پوليس پاران حراست ۾ ورتل شڪي جوابدارن ۾ ساجد شاهه، اعجاز شاهه، مهتاب شاهه، مشتاق شاهه، آفتاب علي ۽ لياقت شيخ به شامل آهن

پوليس هيل تائين گرفتار ڪيل مک جوابدار اسد شاهه سميت 22 ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل وٺي چڪي، جوابدارن جا سيمپل مقتول ٻارڙي فاطمه جي ورتل نمونن سان ميچ ڪري ڏٺا ويندا

مک جوابدار حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه اڃا روپوش آهن

Read Previous

ڪمري ۾ هوا جي گدلاڻ ختم ڪرڻ واري ليمپ تيار

Read Next

بڊاڻي واسي نينگر آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Most Popular