ڪمري ۾ هوا جي گدلاڻ ختم ڪرڻ واري ليمپ تيار

هن جديد دور ۾ ماهر جدت سان ڀرپور اهڙيون شيون تيار ڪري رهيا آهن جن کي ڏسي انساني دماغ به دنگ ٿي ويندو، هوا کي گدلاڻ کان پاڪ ڪري ٿو.

هي شيڊ ڏکڻ ڪوريا جي يونسئي يونيورسٽي طرفان تيار ڪيو ويو آهي، ٽائيٽينيم ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پلاٽينم مان ٺهيل ليمپ شيڊ ڪوٽنگون نقصانڪار ڪيميائي بخارن کي گهرن اندر ختم ڪري سگهن ٿيون.

جيتوڻيڪ ان ۾ پلاٽينم جو مواد گهٽ هوندو آهي، پر اهو تيزيءَ سان ختم ٿي ويندو آهي يا بي ضرر اجزاء ۾ تبديل ٿي ويندو آهي جيئن گهريلو ڪيميائي ان سان رابطي ۾ اچي.

بلب جي گرمي هن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ابتدائي تجربن مان معلوم ٿيو ته جڏهن بلب جو گرمي پد 100 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي ٿي ويو ته ان اهڙي ٽال-ڊائي هائيڊ گيس (هڪ عام گهريلو گدلاڻ) کي ايڪٽڪ ايسڊ ۾ تبديل ڪيو، جنهن عمل ۾ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ٿوري مقدار پيدا ڪئي. پر هاڻي گهرن ۾ ايل اي ڊي بلب استعمال ڪيا وڃن ٿا.

Read Previous

اولهه ميڊيا طالبان مخالف پروپيگنڊا ۾ ماڻهن کي گمراهه ڪيو، انس حقاني

Read Next

ٻارڙي فاطمه ڪيس: اسد شاهه جي ڊرائيور سميت وڌيڪ 12 جوابدار گرفتار

Most Popular