فاطمه ڪيس: حويلي مان وڌيڪ 5 ڄڻا گرفتار

راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم ٻارڙي فاطمه کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ پوليس حويلي مان وڌيڪ 5 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

گرفتار ڪيل 5 ئي ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا، پوليس حويلي مان شوڪت علي عباسي، واجد علي گهانگهرو، اڪرم لاشاري، سڄڻ جوڳي ۽ مهر الدين ونڊير کي حراست ۾ ورتو

پوليس موجب حراست ۾ ورتل 5 ئي ڄڻا حويلي جا ملازم آهن، پوليس هيل تائين ڪيس ۾ گرفتار ڪيل مک جوابدار اسد شاهه سميت 16 ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل وٺي چڪا آهن

جوابدارن جا سيمپل مقتول ٻارڙي فاطمه جي ورتل نمونن سان ميچ ڪري ڏٺا ويندا، فاطمه قتل ڪيس جي مک جوابدار حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه اڃا روپوش آهن

Read Previous

بڊاڻي واسي نينگر آديش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

Read Next

عمران خان جي فرمائش تي جيل ۾ ڪهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا؟

Most Popular