عمران خان جي فرمائش تي جيل ۾ ڪهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا؟

پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس فرمائش تي جيل ۾ ديسي گيهه ۾ تيار ٿيل چڪن ۽ مٽن ڏنو وڃي ٿو، پي ٽي آءِ جي ڏوهاري چيئرمين کي پيمنٽ آرڊر تي منرل واٽر ۽ ٻيون شيون به گهرائي ڏنيون وڃن ٿيون

اٽارني جنرل اٽڪ جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ چيئرمين کي ملندڙ سهولتن بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اٽارني جنرل چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي چيمبر ۾ سيل ٿيل رپورٽ جمع ڪرائي

ذريعن موجب جسٽس مظاهر ۽ جسٽس مندوخيل جي چيمبرز ۾به اها رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي

رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي بيرڪ مان ٻاهر ڪڍي جيل جي احاطي ۾ واڪ ڪرڻ جي اجازت به ڏني وئي آهي، کيس روزاني بنياد تي ميوا به ڏنا وڃن ٿا

سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ حاصل سهولتن بابت رپورٽ طلب ڪئي هئي

Read Previous

فاطمه ڪيس: حويلي مان وڌيڪ 5 ڄڻا گرفتار

Read Next

بجلي بلز خلاف عوام سراپا احتجاج، ڪاروبار بند

Most Popular