سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ

آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي سائفر ڪيس ۾ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان ڪيمره ٻڌڻي کان پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي کي وڌيڪ 2 ڏينهن جي لاءِ جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

نيب طرفان اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته شاهه محمود جي طرفان بابر اعواڻ ۽ شعيب شاهين پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت جي ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا ۽ غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي ته وڌيڪ جسماني ريمانڊ نه ڏنو ويندو. ايف آءِ اي سائفر ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي کان جاچ ڪري رهي آهي.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي جو وڌيڪ جسماني ريمانڊ گهريو جنهن تي وڪيل صفائي بابر اعواڻ جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي دليلن ۾ مختلف اعليٰ عدليه جي فيصلن جو حوالو ڏيندي چيو ته شاهه محمود جو سائفر ڪيس سان ڪوه تعلق نه آهي. آرٽيڪل 90 ۽ 91 جي تحت ان جو سائفر سان ڪو به تعلق نه آهي. ان دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه محمود جو موبائل هٿ ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن جي بابر اعواڻ سخت مخالفت ڪئي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ شاهه محمود جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪر يورتو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڏائيندي ايف آءِ اي جي استدعا منظور ڪري ورتي. عدالت شاهه محمود جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.

پي ٽي آءِ وائيس چيئرمين 26 آگسٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سائفر ڪيس ۾ جسماني ريمانڊ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ جسماني ريمانڊ جي 3 حڪمنامن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ جي لاءِ آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Read Previous

بجلي جا بل نه ڀرڻ سنگين ڏوهه قرار: بل اوڳاڙڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو

Read Next

چندريان 3 جي ڪاميابي کان پوءِ ڀارتي نجومين چنڊ کي هندو سلطنت قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular