چندريان 3 جي ڪاميابي کان پوءِ ڀارتي نجومين چنڊ کي هندو سلطنت قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

آل انڊيا هندو مهاسبها جي قومي صدر سوامي چڪراپاني مهاراج ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان مطالبو ڪيو آهي ته هو چنڊ کي هندستان جو صوبو قرار ڏئي پنهنجي سلطنت جو اعلان ڪري.

سوامي چڪراپاني مهاراج جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هو مودي کان مطالبو ڪندي نظر اچي رهيو آهي ته چندريان 3 جي ڪاميابي کان پوءِ هندستان کي گهرجي ته چنڊ کي هندستان جو صوبو بنايو وڃي.

سوامي چڪراپاني اهو به چيو آهي ته چنڊ کي هندو سلطنت جو حصو قرار ڏيڻ لاءِ انڊين پارليامينٽ مان هڪ باضابطه طور تي قرارداد پاس ڪرائي وڃي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هندو مهاسبها جي قومي صدر سوامي چڪراپاني مهاراج مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته چنڊ کي هندو سلطنت قرار ڏيڻ کان علاوه چندريان 3 خلائي جهاز جي لينڊنگ واري سائيٽ کي به ڀارت جي راڄڌاني وارو شهر قرار ڏنو وڃي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوامي چڪراپاني هڪ نجومي سان گڏ سياستدان به آهي جيڪو پنهنجي نامناسب ۽ تڪراري بيانن سبب تمام گهڻو مشهور آهي.

Read Previous

سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ

Read Next

سرڪاري آفيسرن کي ساليانو 13 ارب روپين جي بجلي مفت ملندي آهي: پاور ڊويزن ذريعا

Most Popular