
درگاهه هاليجوي شريف جو گادي نشين، ناليوارو عالم ۽ جي يو آءِ اڳواڻ عبدالصمد هاليجوي لاڏاڻو ڪري ويو، عبدالصمد هاليجوي سکر جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج دوران دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو
عبدالصمد هاليجوي جي جنازي نماز اڄ شام 7 وڳي پنوعاقل ويجهو درگاهه هاليجوي شريف ۾ ادا ڪئي ويندي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جي يو آءِ جا ڪارڪن ۽ عقيدتمند هاليجوي درگاهه پهچڻ لڳا
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عبدالصمد هاليجوي جو وڇوڙو سنڌ سميت ملڪ لاءِ هڪ وڏو هاڃو آهي، عبدالصمد هاليجوي درگاهه ۾ سالڪن ۽ سياسي ميدان ۾ ڪارڪنن جي ڀرپور تربيت ڪئي، سندس وڇوڙي سان دعائن جو هڪ در بند ٿي ويو