حيدرآباد ۾ تاريخي پڪي قلعي جي ڀِت ٽوڙي پلازه ٺاهڻ جي ڪوشش، نوٽيس بعد ڪم بند

حيدرآباد ۾ قديمي تاريخي ورثي پڪي قلعي جي زمين سان ٻيهر هٿ چراند شروع ٿي وئي آهي. قبضا مافيا پاران گهٽي نمبر هڪ ۾ پلاٽ نمبر 1414 تي لڳ ڀڳ 55 فٽ جي ڊگهي ڀِت ٽوڙائي 292 اسڪوائر يارڊ تي پلازه تعمير ڪرايو پئي ويو. پلازه جي تعمير لاءِ وڏا پٿر لهرائي ڀرائي لاءِ زمين کوٽرائي وئي هئي جتي ڪجهه ڏينهن کان پلاٽ جي تعمير وارو ڪم شروع هو جنهن بابت اوچتو شهرين پاران آرڪيالاجي کاتي جي پڪي قلعي واري آفيس ۾ دانهيو

ان کانپوءِ اتي ويٺل اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻئي عملي تعمير ٿيندڙ پلاٽ واري هنڌ پهچي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل پلاٽ 2009ع دوران ايچ ايم سي جي ڪچي آبادي پاران مقصود احمد سروري نالي شخص کي ليز تي ڏنو ويو هو جنهن بعد هن اهو پلاٽ محمد شوڪت نالي شخص کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي شوڪت نالي شخص گذريل هفتي کان پلاٽ تي پهچي پٿر ۽ ٻيو مٽيريل لهرائي تعميراتي ڪم شروع ڪرايو هو. ڄاڻايل پلاٽ بابت آرڪيالاجي کاتي پڪي قلعي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سنڌو چانڊيو جو چوڻ آهي ته اسان پڪي قلعي جي ڀِت ڀرسان پلازه جي شروع ٿيل تعمير وارو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي

هن چيو ته تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ بابت اسان لاڳاپيل کاتي جي ڊي جي سميت ٻين عملدارن کي به آگاهي ڏني هئي جنهن تي انهن ڊويزنل ڪمشنر کي سفارشون ڪيون آهن ته اها ليز ڪينسل ڪرائي وڃي ڇاڪاڻ ته تازو سيٽلمينٽ سروي کاتي پاران جيڪا سروي ڪئي وئي هئي ان ۾ به ڄاڻايو ويو هو ته ڄاڻايل پلاٽ سميت مبينا ماڻهن جي قبضي هيٺ ڪجهه ٻيا پلاٽ پڪي قلعي جي ايراضي ۾ اچن ٿا. ٻڌايو پيو وڃي ته تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن سٽي 10 جون 2009ع دوران پلاٽ نمبر 1414 جي حوالي سان مقصود خان پٽ محمد خان سروري کي نو ڪليئرنس سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پلاٽ جي ليز بابت سموريون گهرجون پوريون ڪري رقم چالان ذريعي بئنڪ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي جنهن بعد هو پلاٽ جو مالڪ ٿي ويو آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته 2011ع دوران معاملو عدالت ۾ پهچڻ کانپوءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪچي آبادي ۽ تعلقه آفيسر ريگيوليشن اٿارٽي پاران عدالت ۾ بيان جمع ڪرايو ويو ته ڄاڻايل پلاٽ جي حوالي سان مقصود خان نالي شخص جي بدديانتي ظاهر ٿي چڪي آهي ان ڪري سندس جاري ليز وارا ڪاغذ رد ڪيا وڃن جنهن بعد ڪجهه عرصو ڪيس هليو ۽ بعد ۾ التويٰ جو شڪار ٿي ويو ۽ هاڻي اوچتو ڄاڻايل شخص جي پلاٽ تي شوڪت نالي شخص پهچي دعويٰ ڪئي آهي ته پلاٽ سندس نالي تي آهي ۽ هو مالڪ هئڻ سبب اتي رهائشي پلازه تعمير ڪرائيند

Read Previous

درگاهه هاليجوي شريف جو گادي نشين ۽ جي يو آءِ اڳواڻ عبدالصمد هاليجوي لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ ٻيهر وڏي واڌ جو امڪان

Most Popular