بجلي وڌيڪ 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

بجلي

بجلي وڌيڪ 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سي پي پي اي طرفان بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿيندي.

رپورٽ موجب بجلي جي وڌيڪ بلن سبب عوام اڳ ئي پريشاني جو شڪار آهي. هڪ دفعو ٻيهر ڇرڪائيندڙ خبر سامهون اچي وئي آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جي لاءِ سي پي پي اي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

سي پي پي اي طرفان جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ ۾ واڌ جي درخواست ڏني وئي آهي جنهن تي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿيندي. نيپرا ٻڌڻي کان پوءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ بابت فيصلو ڪندو.

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ صارفين مٿان وڌيڪ اضافي 35 ارب روپين جو اضافي بار پوندو. ياد رهي ته ملڪ ۾ مهانگي بجلي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. مظاهرين احتجاج دوران بجلي جي بلن کي باهيون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته حڪومت کان بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو پيو وڃي.

Read Previous

پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ ٻيهر وڏي واڌ جو امڪان

Read Next

عمران خان سزا معطلي باوجود جيل مان آزاد نه ٿي سگهيو

Most Popular