عمران خان سزا معطلي باوجود جيل مان آزاد نه ٿي سگهيو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان توشه خانه ڪيس ۾ سزا معطل ٿيڻ باوجود آزاد نه ٿي سگهيو. عمران خان ضمانت ملڻ باوجود اٽڪ جيل ۾ ئي رهندو هو 30 آگسٽ تائين سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي آهي.

رپورٽ موجب اڄ توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي سزا معطل ڪري ڇڏي آهي پر هو ان باوجود جيل ۾ ئي رهندو. کيس سائفر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

عمران خان کي جوڊيشل ريمانڊ تي رکڻ جو حڪم نامو سامهون اچي ويو آهي. عدالتي حڪم موجب سپرنٽينڊنٽ ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ رهندو. عدالت 30 آگسٽ تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته سائفر ڪنٽينٽ ۽ آڊيو ليڪ سميت گمشدگي جي معاملي تي ايف آءِ آءِ جي دهشتگردي جي انت واري ونگ ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي اٽڪ جيل پهچي وئي. بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا معطلي جي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ آئي هئي پر جيل اختيارين کيس ملڻ جي اجازت نه ڏني. سزا معطلي جي فيصلي کان پوءِ اٽڪ جيل جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي. راولپنڊي جيل جي چوڌاري پوليس جا ناڪا لڳايا ويا آهن. راولپنڊي ايليٽ ڪمانڊوز جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي آهي.

جيل ذريعن موجب اٽڪ جيل جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ هجڻ سبب بشريٰ بي بي کي به جيل جي ٻاهران روڪيو ويو. جيل سپرنٽينڊنٽ بشريٰ بي بي کي جيل اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني.

Read Previous

بجلي وڌيڪ 2 روپيه 7 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

Read Next

عمري بعد واپس ويندڙن سان راولپنڊي ۾ حادثو، عورت سوڌو 5 ڄڻا فوت

Most Popular