عمري بعد واپس ويندڙن سان راولپنڊي ۾ حادثو، عورت سوڌو 5 ڄڻا فوت

عمرو ڪري واپس ايندڙن جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

پوليس موجب اسلام آباد ايئرپورٽ کان گوجرانوالا جي لاءِ روانو ٿيندڙ فيملي جي گاڏي کي راولپنڊي ۾ روايت ٽي چوڪ ويجهو حادثو پيش آيو. فجر وقت پيش ايندڙ حادثي ۾ عورت سميت 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا.
همڪ ٿاڻي جي پوليس موجب گاڏي روات چوڪ ويجهو بيٺل 22 ويلر ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن کان پوءِ ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏني وئي جنهن واقعي واري هنڌ پهچي گاڏي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو. زخمين ۽ لاشن کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو. شروعاتي ڄاڻ موجب حادثو ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب پيش آيو.

خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ هاءِ ايس جو ڊرائيور به شامل آهي. جڏهن ته 4 عورتن سميت 6 ڄڻا حادثي ۾ زخمي به ٿي پيا آهن. حادثي جو شڪار ٿيندڙ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي.

اسلام آباد پوليس متاثر گاڏي کي تحويل ۾ وٺي حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. شروعاتي جاچ موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا شامل آهن. متاثر فيملي عمري جي ادائيگي کان پوءِ اسلام آباد ايئرپورٽ کان گوجرانوالا وڃي رهي هئي.

فوت ٿي ويلن ۾ 45 ورهين جي مهرين، 29 ورهين جو دانش، 62 ورهين جو ميان ادريس، 62 ورهين جو حاجي شفيق ۽ 65 ورهين جو حاجي نذير شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ ريحانه، عشور، ارحم، هما عمران، ارسام ۽ ڪنيز شامل آهن.

Read Previous

عمران خان سزا معطلي باوجود جيل مان آزاد نه ٿي سگهيو

Read Next

برسلز: پريس قونصل دائود احتشام جي الوداعي تقريب منعقد

Most Popular