مان اسٽريمنگ سروسز بدران سئنيما گهرن ۾ فلمون ڏسڻ کي ترجيح ڏيندي آهيان: راني مکرجي

بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجي جو چوڻ آهي ته هوءَ اسٽريمنگ سروسز بدران سئنيما گهرن ۾ وڃي فلمون ڏسڻ کي ترجيح ڏيندي آهي.

راني مکرجي هڪ تازي انٽرويو ۾ راني مکرجي سئنيما سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو آهي.

هن انڪشاف ڪيو ته جڏهن اديتا ۽ مان شهر ۾ هوندا آهيون ته اسان ممبئي جي يش راج فلمز اسٽوڊيو ۾ اسڪريننگ ۾ شرڪت ڪندا آهيون ۽ جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ هوندا آهيون ته پبلڪ ٿيئٽرن ۾ گڏجي فلمون ڏسندا آهيون ۽ هڪ ٻئي جي ڪمپني مان لطف اندوز ٿيندا آهيون.

هن چيو ته منهنجو مڙس، اديتيه چوپڙا، اڃا تائين فلمون ڏسڻ لاء ممبئي جي مشهور گيٽي گليڪس ٿيٽر ۾ وڃي ٿو.

Read Previous

سني ديول ڪهڙي نوجوان اداڪارا سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي؟

Read Next

1 ڪروڙ في منٽ، اروشي روٽيلا بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ ادا ڪندڙ اداڪاره آهي؟

Most Popular