سني ديول ڪهڙي نوجوان اداڪارا سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي؟

بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار سني ديول فلم انڊسٽري جي نوجوان ۽ خوبصورت چهري سان وڏي اسڪرين تي ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ سني ديول کان سوال پڇيو ويو ته ڇا ڪا اهڙي اداڪاره آهي جنهن سان توهان ڪم ڪرڻ چاهيندا؟

ان سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته مون کي عاليه ڀٽ تمام گهڻي پسند آهي ۽ ان سان گڏ فلم ڪرڻ دلچسپ هوندو پر مان ان سان گڏ هيرو طور ڪم ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان.

پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي هن چيو ته مان عاليه ڀٽ سان ڪنهن به ڪردار ۾ ڪم ڪري سگهان ٿو جيئن اسان کي اسڪرين تي پيءُ ۽ ڌيءَ جي روپ ۾ گڏ نظر اچي سگهي.

Read Previous

حسن علي جو ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

Read Next

مان اسٽريمنگ سروسز بدران سئنيما گهرن ۾ فلمون ڏسڻ کي ترجيح ڏيندي آهيان: راني مکرجي

Most Popular