نيب ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان به شامل

اسلام آباد: قومي احتساب بيورو نيب قانون ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي

هلندڙ سال 30 آگسٽ تائين 12ريفرنسز نيب عدالتن مان منتقل ٿيا، ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف علي زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شامل آهن

نيب رپورٽ موجب خورشيد انور جمالي، منظور قادر ڪاڪا ۽ انور مجيد جا نيب ڪيس منتقل ٿيا، جعلي اڪائونٽس ڪيس جو مک جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائره اختيارمان نڪري ويو

آصف زرداري جي خلاف پارڪ لين ريفرنس احتسان عدالت ترميم بعد واپس ڪري ڇڏيو، اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت واپس ڪري ڇڏيو، هلندڙ سال مجموعي طور 22 ڪيس احتساب عدالتن مان واپس ٿيا، نيب ترميم بعد 25 ڪيس ٻينفورمز کي منتقل ڪيا ويا

Read Previous

حديقه ڪياني جي ڊرامي ”حادثه“ تي پابندي لڳي وئي

Read Next

چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular