حديقه ڪياني جي ڊرامي ”حادثه“ تي پابندي لڳي وئي

پيمرا نجي ٽي وي چئنل جي تڪراري ڊرامي ”حادثه“ کي نشر ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
پيمرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊرامي جي ڪهاڻي جي حوالي سان ڏسندڙن طرفان شڪايتون وصول ٿيون هيون

پيمرا موجب ڊرامي جي ڪهاڻي پاڪستاني معاشرتي قدرن سان هڪجهڙائي نٿي رکي ۽ پيمرا اٿارٽي غير معياري مواد، نامناسب ڪهاڻي ۽ عوامي ردعمل کي ڏسندي ان تي پيمرا ايڪٽ جي سيڪشن 27 تحت پابندي لاڳو ڪندي معاملو ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي موڪلي ڇڏيو آهي
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف ڪمپلينٽس پيمرا ايڪٽ ۽ پيمرا ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي روشني ۾ ان ڊرامي جي حواليس ان فيصلو ڪندي

واضح رهي ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊرامي ۽ ان جي مک ڪردار حديقه ڪياني تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ ڊرامي جي ٽيم تي الزام لڳايو پيو وڃي ته هنن 2020 ۾ لاهور ڀرسان موٽر وي تي اغوا کانپوءِ گينگ ريپ جو شڪار بڻجندڙ عورت جي حياتي تي ڪهاڻي ٺاهي آهي

ڊرامي جو ليکڪ، پروڊيوسر ۽ اداڪارن سميت ٺاهيندڙ انڪار ڪري رهيا آهن ته هنن 2020 ۾ پيش آيل حقيقي واقعي جي منظرڪشي ڪئي آهي.

Read Previous

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول، بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف مظاهرا

Read Next

نيب ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان به شامل

Most Popular