ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل به ٽرپل سنچري مڪمل ڪري ورتي

petrol

ڊالر کانپوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل به ٽرپل سنچري مڪمل ڪري ورتي آهي.


پيٽروليم شين جي قيمتن ۾اضافو ڪيو ويو آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 14 رپيا 91 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.


ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.


نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 305 رپيا 36 پئسا في ليٽر جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 311 رپيا 84 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.


پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 300 رپين کان مٿي ٿي وئي آهي.

Read Previous

چوڌري پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

Read Next

پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ويرات ڪوهلي جو بيان سامهون اچي ويو

Most Popular