پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ويرات ڪوهلي جو بيان سامهون اچي ويو

ويرات ڪوهلي جو بيان ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندر ميچ کان اڳ سامهون آيو آهي.

ڀارتي اسپورٽس چينل سان ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي چيو ته مان سمجهان ٿو ته پاڪستاني ٽيم جي مضبوطي سندن بالنگ آهي، پاڪستان وٽ ڪجهه واقعي سٺا بالر آهن، جيڪي پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ڪنهن به وقت راند جو رخ تبديل ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري توهان کي انهن جي بالنگ کي منهن ڏيڻو پوندو.

ويرات ڪوهلي چيو. هر روز، هر مشق سيشن، هر سال ۽ هر موسم اها آهي، جنهن مون کي سٺي کيڏڻ ۾ مدد ڪئي آهي ۽ منهنجي ٽيم لاء ڊگهي عرصي تائين پرفارم ڪيو آهي.

هن چيو ته مان صرف اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته آئون پنهنجي راند کي ڪيئن بهتر ڪري سگهان ٿو.

ياد رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سڀاڻي ميچ کيڏي ويندي.

Read Previous

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل به ٽرپل سنچري مڪمل ڪري ورتي

Read Next

شاهين شاهه آفريدي کان پريشان ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي

Most Popular