ايڪس سائبر حملن جي زد ۾، سوڊاني هيڪرز جو اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ سروس جو مطالبو

سوڊاني هيڪنگ گروپ مختلف ملڪن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي Twitter) کي هيڪ ڪيو ۽ ايلون مسڪ کان مطالبو ڪيو ته هو پنهنجي ملڪ ۾ اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ سروس شروع ڪري.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اڻڄاتل سوڊاني هيڪنگ گروپ هڪ درجن کان وڌيڪ ملڪن ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي سائبر حملو ڪيو ۽ ان کي ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب هزارين صارفين کي تڪليف پهتي.

هيڪرز ٽيليگرام تي ايڪس سي اي او ايلون مسڪ لاءِ هڪ پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته براڊ بينڊ انٽرنيٽ سروس ’اسٽار لنڪ‘ سندس ملڪ سوڊان ۾ فوري طور تي شروع ڪئي وڃي.

Read Previous

ميٽا چيني نظريي کان متاثر هزارين اڪائونٽس کي ختم ڪري ڇڏيو

Read Next

متحده عرب امارات ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان

Most Popular