ميٽا چيني نظريي کان متاثر هزارين اڪائونٽس کي ختم ڪري ڇڏيو

ميٽا پنهنجي سوشل ميڊيا ويب سائيٽس فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي چين سان لاڳاپيل هزارين اڪائونٽس ختم ڪري ڇڏيا آهن.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ميٽا تقريبن 7 هزار 700 فيس بڪ اڪائونٽس ۽ 954 پيجز، 15 گروپس ۽ 15 انسٽاگرام اڪائونٽس کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ آمريڪا، مغربي پرڏيهي پاليسين ۽ چين بابت چيني حڪومت جي تنقيد ڪندڙن جا مثبت تبصرا ڪيا ويا هئا.

چين کان شروع ٿيندڙ هن نيٽ ورڪ تائيوان، آمريڪا، آسٽريليا، برطانيه ۽ جاپان سميت دنيا جي ڪيترن ئي علائقن کي نشانو بڻايو آهي.

ياد رهي ته ميٽا گذريل سال جي آخر ۾ هڪ غير سرڪاري تنظيم تي حملي کانپوءِ آپريشن جي جاچ شروع ڪئي هئي.

Read Previous

روس جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلامي بئنڪنگ شروع ڪرڻ جو اعلان

Read Next

ايڪس سائبر حملن جي زد ۾، سوڊاني هيڪرز جو اسٽار لنڪ سيٽلائيٽ سروس جو مطالبو

Most Popular