ناڻي واري وزارت توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

ناڻي واري وفاقي وزارت تيل، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي
ناڻي واري وزارت طرفان ملڪي معيشت کي پيش ايندڙ مالي خطرن بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ شين جي اگهن ۾ واڌ مهانگائي جا وڏا سبب آهن.افراط زر جي شرح ۾ گهٽتائي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ رپئي جي قدر ۾ استحڪام سان مشروط آهي
رپورٽ موجب مهانگائي جي شرح هن سال 21 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 7.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي ۽ ملڪي معيشت ۾ سستي پر بتدريج بهتري جو امڪان آهي
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاشي بحران، قرض ۽ قدرتي آفتون ملڪي معيشت لاءِ وڏا خطرا آهن
مالياتي خسارو گهٽائڻ لاءِ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ ۽ سبسڊي گهٽائڻ جا منصوبا جوڙيا ويا آهن
رپورٽ موجب 59 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو قرض، 3460 ارب رپين جي حڪومتي ضمانتون غير مستحڪم آهن، مالي سال 2022ع جي آخر تائين پاڪستان جو سرڪاري قرض جي ڊي پي جي 78.4 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي قرض ان رقم جو 37 سيڪڙو هو، جيڪو ڪرنسي لاءِ خطرناڪ آهي. هن وقت پرڏيهي قرض مجموعي قرضن جو 26 سيڪڙو آهي، جڏهن ته 2022ع دوران پرڏيهي قرضن جي واپسي جو سراسري مدو 3.5 سال هو
رپورٽ موجب معاشي ترقي ايندڙ سال 3.5 سيڪڙو ۽ 2025ع ۾ 5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. جي ڊي پي جي واڌ 2026 تائين 5.5 سيڪڙو تائين پهچي ويندي. سال 2022 ۾ جي ڊي پي خسارو 2.2 سيڪڙو جي برابر هوندو
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ موجب بحالي جي ڪمن تي 16.2 بلين ڊالر خرچ ڪيا ويا
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ مصنوعي آهي، منافع خورن، ذخيره اندوزن ۽ اسمگلرن پيدا ڪئي آهي، ڪمند جي ڪرشنگ سيزن 15 نومبر کان شروع ٿيندو

Read Previous

مهانگائي ۽ بجلي جي بلز ۾واڌ خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪگير شٽربند هڙتال

Read Next

چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

Most Popular